اسلام آباد (بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليتري (نيپرا) نئون نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشنز 2026 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب، نين ريگيوليشنز تحت نيٽ بلنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو بائيو گيس واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندو. بلنگ سائيڪل جي پڄاڻي تي بلنگ نظام تحت بل جاري ٿيندو، نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن کان نيشنل ايوريج انرجي پرائيس موجب بجلي خريد ڪئي ويندي، واهپيدارن کي هاڻي يونٽ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، يونٽ جي بدلي يونٽ جي فراهمي ختم ڪئي وئي. نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن کي موجوده لاڳو ٽيرف جي حساب سان بجلي فراهم ڪئي ويندي، نيشنل گرڊ کي واڌو بجلي جي فراهمي تي واهپيدارن کي ٽه ماهي بنيادن تي ادائيگي ڪئي ويندي. نيٽ ميٽرنگ لاءِ معاهدي جو مدو 5 سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ 5 سال جو واڌارو ڪيو ويندو، نئين ريگيوليشنز بعد نيٽ ميٽرن ريگيوليشنز 2015 معطل ٿي وينديون.