ڪراچي ۾ سالياني گلن جي نمائش 12 کان 15 فيبروري تائين لڳائي ويندي

ڪراچي (رپورٽر) هوريٽيڪل سوسائٽي آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته 75هين سالياني گلن جي نمائش 12 کان 15 فيبروري تائين ڊي ايڇ اي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جي سهڪار سان اي ڪي خان باغ، سمنڊ ڪناري تي منعقد ڪئي ويندي، جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڏي گلن جي نمائش هوندي۔ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران نوشابا خليل، قدسيه اڪبر، رفيع الحق ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته نمائش جو مقصد شهرين ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ ۽ ماحولياتي تحفظ کي هٿي ڏيڻ آهي۔ هنن ٻڌايو ته شهر ۾ هن وقت صرف 3 کان 4 سيڪڙو ساوڪ بچي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو علائقو ساوڪ تي مشتمل هجڻ گهرجي۔ سوسائٽي موجب صاف هوا لاءِ هر شهري جي حصي ۾ 8 وڻ ضروري آهن ۽ ملڪ ۾ 24 ڪروڙ وڻن جي ضرورت آهي۔ اڳواڻن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڪٽنب سميت نمائش ۾ شرڪت ڪري ٻارن کي قدرتي ماحول جي اهميت کان آگاهه ڪن۔.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.