پاڪستان کي قيد خانو نه بڻايو،ماڻهو هاڻي توهان تي آڱريون کڻي رهيا آهن:زين شاهه

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين ۽ ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ سميت سنڌ ۾ ڪامياب شٽربند هڙتال ڪرڻ تي سڪرنڊ ۾ هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آزاد ملڪ آهي. جنهن کي قيد خانو نه بڻايو وڃي. زبردستي زندهه لاشن کي ڪلهي تي نه کڻو هاڻ اهي ڌپ ڪري چڪا آهن. اڳي توهان جو ماڻهو احترام ڪندا هئا هاڻ توهان تي آڱريون کڻي رهيا آهن،هن چيو ته  عدليه ۽ پارليامينٽ کي رٻڙاسٽيمپ نه بنايو. 2007 ع کان جن به سياستدانن کان رعايت ڪري ڪرپشن ، قتل ۽ ٻين ڪيسن ۾ رعايتون ڏنيون ويون آهن اهي ختم ڪيون وڃن،هن چيو ته  عدليه کي آزاد ڪيو وڃي. پيڪا آرڊيننس کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان سميت سياسي قيدين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. توهان ملڪ ۾ سياست جا در بند ڪري ڇڏيا آهن.خوف جي فضا قائم ڪري رهيا آهيو.پ پ حڪمرانن سنڌ جو سودو ڪري حڪومت ورتي آهي صدر کان وٺي ڊپٽي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين ورتي وئي. 26 ۽ 27 ترميم ذريعي عدليه ۽ اسيمبلي کي ڪمزو ڪيو ويو آهي. ڊڪٽيٽر ٿيڻ بند ڪيو ملڪ اندر جمهوريت کي بحال ڪيو،هن چيو ته  پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ توهان گرفتاريون ڪري ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي ماڻهن جا لاش ڏئي رهيا آهيو جيڪي بند ٿيڻ گهرجن،هن چيو ته 2024 ع جي اليڪشن فارم 45 بجائي 47 فارم ذريعي کٽيلن کي هارايو ويو ۽ هارائڻ وارن کي کٽرايو ويو.زبردستي حڪومت پنهنجي پسند جي سياستدانن کي ڏني وئي. ايئن ملڪ نه هلي سگهندو. سسٽم کي درست نموني سان هلايو.هن چيو ته  راهول جنڊاوڙو جي ڪيس ۾بااثر ڌرين جي چوڻ تي جاچ روڪي وئي آهي.ڪرپشن ڪندڙ سياستدانن تي 9000 ڪيس ختم ڪيا ويا جنهن ۾ ڪرپشن ، قتل ، سري محل سميت ٻيا ڪيس شامل هئا. هڙتال دوران گرفتار ٿيل سمورن ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ان موقعي تي مجيب ماڇي ، امير علي ٿيٻو ، امر آڪاش لاکو ، فلڪ شير اوڏ ، شمائله ڪيريو ، ايوب کوسو ، ڊاڪٽر زين ڀٽو، پي ٽي آئي اڳواڻ نثار پرهياڙ پڻ جلسي عام کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.