ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سنڌ جي هيرن منجهان هڪ هيرو، پروفيسر علي محمد انصاري لاڏاڻو ڪري ويو، هن پنهنجي تجربي، ڏاهپ ڪوششن سان سنڌ مان خطرناڪ ارڙي جي بيماري کي ختم ڪيو، ڊاڪٽر علي محمد انصاري جي لاڏاڻي تي شاعرن، ادبين ۽ سياستدانن پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي رکيل پوسٽن ۾ واهپيدارن جو چوڻ هو ته سائين ڊاڪٽر علي محمد انصاري جي لاڏاڻي سان طب جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، هن ارڙي جي بيماري خلاف وڏي جدوجهد ڪئي ۽ بيماري کي ختم ڪيو۔