ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ هفتو اڳ لاپتا ٿي ويل مستاني جو لاش گٽر مان هٿ ڪيو ويو.مستاني عبدالقدير ميراڻي جو لاش هيبت روڊ جي کليل گٽر مان هٿ ڪيو ويو،شهرين گٽر مان لاش ڏٺو ته گٽر مان لاش ڪڍيو ويو.شهرين لاش جي سڄاڻپ مسانو نوجوان عبدالقدير طور ڪئي، شهرين لاش ڪڍي وارثن کي اطلاع ڪيو وارثن لاش گهر منتقل ڪيو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي مستاني جي وارثن جو چوڻ هو ته پورو شهر جا گٽر کليل آهن، گٽر کليل هئڻ سبب اسان جو مستانو ڪري پيو ۽ ان جو لاش 7 ڏينهن بعد گٽر مان مليو، هنن چيو ته اسان جي مستاني جو ڪيس ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل انتظاميا خلاف داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.