ڪوٽ لالو ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوانن جو ايس ايڇ او مٿان قتل ڪيس داخل، ڌرڻو ختم

فيض گنج  (رپورٽ: ظهير خاصخيلي) ڪوٽ لالو ۾ پوليس مقابلو ڏيکاري قتل ڪيل ٽن نوجوانن جي خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي کي 3 ڏينهن گذري ويا، پوليس ڪميٽي ۽ وارثن جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، ملوث ايس ايڇ او ڪوٽ لالو نوردين کونهارو مٿان ٽن نوجوانن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڊي آءِ جي سکر پاران جوڙيل پوليس ڪميٽي جي اڳواڻي ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ ۽ وارثن پاران بئريسٽر ارشد شر ۽ وڪيل شاڪرنواز شر شامل آهن، واضع رهي ته 5 ڏينهن اڳ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪوٽ لالو نوردين کونهارو ڳوٺ حڪيم علي نواز شر واسي ٽن نوجوانن عاقب شر، مولا بخش شر، مجتبي شر کي ڳالهين لاءِ گهرائي کين ٻڌي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پوليس مقابلو ڏيکاري ڇڏيو هو، ٻي طرف ٽن ڏينهن تائين لڳل ڌرڻي ۾ سياسي سماجي، قومپرست، وڪيل اڳواڻن سميت علائقي واسين جي ڀرپور شرڪت، وارثن جي موقف جي حمايت ڪئي وئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ اندر پوليس پاران عدالت کان مٿانهين قتلن جو باقائدا ڪاروبار شروع ٿي چڪو آهي، جتي ڪوڙن ڪيسن ۾ ماڻهن کي ڦاسايو وڃي ٿو جڏهن ته بعد ۾ جعلي مقابلا ظاهر ڪري کين کي ماريو وڃي ٿو، هنن چيو ته فل فرائي ھاف فرائي جي خوفناڪ نالي تي ڳري رقم طلبي وڃي ٿي نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ ئي عدالت لڳائيندي ماڻهون ماريا وڃن ٿا جڏهن ته ڀوتارن جي ونگارن ۾ به قتل ٿيڻ لڳا آهن. هنن چيو ته ڪوٽ لالو ۾ به ماورائي عدالت ٽن نوجوانن کي مبينا مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ملوث ايس ايڇ او مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته وارث ٽن ڏينهن کان روڊ تي ويهي انصاف ملڻ جي انتظار م آهن، هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته وارثن جا مطالبا مڃيا وڃن ۽ ايس ايڇ او ڪوٽ لالو مٿان ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃ،  مقتولن جو نانو گلزار شر جيڪو واقعي واري ڏينهن صدمي سبب ڪوما ۾ هليو ويو هو، جنهن اڄ انتقال ٿي ويو ان جي جنازا نماز به ڌرڻي واري هنڌ تي ادا ڪئي وئي، وارثن موجب 90 سال جي عمر جي پيرسن مٿان به 2022 ۾ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو هو ۽ کيس وٽ ڪليشنڪوف ڏيکاري وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.