حڪومت جون معاشي اڏام واريون دعوائون عام ماڻهو لاءِ رڳو نعرو بڻيل؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ قائم اتحادي حڪومت پنهنجي ٻن سالن جي مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ۽ انهن جي دعويٰ رهي آهي ته هن عرصي دوران ملڪ معاشي طور تي مستحڪم ٿيو آهي، ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن ۽ روپئي جي قيمت برقرار آهي۔پر حقيقتن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته گذريل ٻن سالن دوران 150 وڏا ٽيڪسٽائل يونٽ بند ٿي چڪا آهن، جيڪي وڏي پيماني تي ماڻهن کي روزگار مُهيا ڪندا هئا۔مهانگي بجلي جي ڪري ڪاروباري خرچ وڌڻ سبب ننڍيون صنعتون وڏين ڪارخانن ۾ تبديل ٿي ويون آهن ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر مڪمل طور تي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ حڪومتي دعوائن ۽ زميني حقيقتن جي وچ ۾ واضح فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي هڪ طرف وزير ملڪ جي معيشت جي اڏام جا دعويٰ ڪري رهيا آهن، اتي ئي عام شهرين، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري طبقي پاڻ کي شديد معاشي دٻاءَ ۾ محسوس ڪري رهيا آهن۔روزمره استعمال جون شيون اڃان تائين عام ماڻهو جي پهچ کان پري نظر اچن ٿيون، ۽ هزار رپين جي نوٽ جي حقيقي قيمت سو رپين تائين گهٽجي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم جي معاشي خوشحالي جون دعوائون سمجههڻ کان ٻاهر آهن،گذريل ڪجهه مهينن کان حڪومت جو موقف رهيو آهي ته پاڪستان ڊفالٽ جي خطري مان ٻاهر نڪتو آهي،مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن،روپئي جي قيمت ۾ استحڪام آيو آهي، ۽ ڪجهه سرڪاري حلقن جو دعويٰ اهو به آهي ته مستقبل ۾ شايد پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو دروازو ٻيهر نه کڙڪائڻو پوي۔ پر حقيقت اها آهي ته هن وقت به 7 ارب ڊالر جو آءِ ايم ايف قرض پروگرام جاري آهي۔فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ايس ايم تنوير انڪشاف ڪيو هو ته گذريل ٻن سالن ۾ 150 وڏا ٽيڪسٽائل يونٽ بند ٿي چڪا آهن، جن جي بندش سان لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن۔معاشي ماهر متفق آهن ته ڊفالٽ جو خطرو عارضي طور گهٽجي ويو آهي، پر ان استحڪام جا اثر عام ماڻهو ۽ ڪاروباري طبقن تائين پهچي نه سگهيا۔سرڪاري هائوس هولڊ سروي موجب، 2018-19 جي مقابلي ۾ 2024-25 ۾ پگهارن ۾ اضافي جي باوجود عوام جي زندگي جي معيار ۾ گهٽتائي آءِ آهي، ۽ مجموعي طور خريداري جي طاقت ۾ 15سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ورلڊ بينڪ ۽ ٻين مالي ادارن مطابق 2023-24 ۾ پاڪستان جي تقريباً25 سيڪڙو آبادي غربت جي هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن ته 2018 تائين غربت ۾ گهٽتائي جو رجحان نظر اچي رهيو هو۔ليبر فورس سروئي مطابق مالي سال 2025 ۾ بيروزگاري جي شرح7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا ٻن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح آهي۔ماهر خاقان نجيب جو چوڻ آهي ته موجوده معاشي ماڊل عوامي خوشحالي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي، ڇو ته صرف ٽيڪس جي شرح وڌائڻ سان صرف آمدني جو ظاهري انگ وڌي رهيو آهي۔حڪومت جي ايڪنامڪ ڪائونسل جي رڪن مصدق ذوالقرنين مطابق معاشي استحڪام جو مطلب آهي ته حالتون وڌيڪ خراب نه ٿي رهيون آهن، پر ترقي لاءِ ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 6-7 سيڪڙو شرح نمو ضروري آهي، معاشي ماهرن موجب عوامي خوشحالي لاءِ سيڙپڪاري، پيداوار وڌائڻ ۽ ڪاروباري خرچ گهٽائڻ ضروري آهي، پر بجلي جا وڌندڙ خرچ، ٽيڪسن جي بلند شرح ۽ پاليسين جي عدم تسلسل سبب سيڙپڪاري نه پئي ٿئي،هنن جو چوڻ آهي ته صرف انگ اکر بهتر ڪرڻ کي عوامي خوشحالي سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي۔ جيستائين معيشت ۾ روزگار، پيداوار ۽ خريداري جي طاقت ۾ واڌ نه ٿيندي، وزيراعظم جون معاشي اڏام جا دعوائون عام ماڻهو لاءِ رڳو نعرو ئي رهندا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.