ڪراچي ۾ پوليو ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار کي ڪتي ڏاڙهي وڌو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي قائدآباد ۾ پوليو ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار کي ڪتي ڏاڙهي وڌو.
انڊس اسپتال ۾ ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ اسپتال جي انچارج آفتاب گوهر چيو ته پوليس اهلڪار جي عمر 21 سال آهي، جڏهن ته ان کان اڳ عورت پوليو رضاڪار کي ڪورنگي ۾ ڪتي ڏاڙهيو هو.
هن چيو ته اهلڪار جو زخم ٻئي درجي جو آهي، کيس اينٽي ريبيز ويڪسين لڳائي وئي آهي، گذريل مهيني به ٻن کان ٽن پوليو رضاڪارن سان اهڙو واقعو پيش آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.