ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم اسڪاٽ لينڊ کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪلڪتي ۾ ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.
هٽمائر 64، ڪنگ 35، ردرفورڊ 26 ۽ پاول 24 رنسن سان اڳڀر رهيا.
جواب ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 18.5 اوورن ۾ 147 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ويسٽ انڊيز طرفان شيفرڊ 5، هولڊر 3، جوزف ۽ موتي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
You might also like