علاج لاءِ ڪراچي پهتل ٿرواسين سان دردناڪ سانحو، بيمار جي امڙ ٽرين هيٺان اچي فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي اسپتال مان ريفر ڪيل بچڙي جي علاج خاطر ڪراچي اسپتال مان ڀلجي نڪتل ماءُ ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت،ان  سلسلي ۾ پنج ڏينھن اڳ ۾ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سينھارناگڙ واسي معصوم نينگر حنيف ولد گل محمد نھڙيو کي پٿري جي آپريشن بعد ٽانڪن مان زخم ٿيڻ بعد سول اسپتال مٺي ۾ داخل ڪيو ويو،جتان ڊاڪٽرن نينگر کي ريفر ڪري ڇڏيو. وارث نينگر کي ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو،سول اسپتال جي عملي نينگر کي ڊبل فلور وارڊ ۾ داخل ڪري ساڻس گڏ موجود 50 ورھين جي ماءُ فاطمه زال گل محمد نھڙيو کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو.اٻوجھ ڳوٺاڻي عورت ھيٺ اچڻ بعد مٿو گھمي ويو ۽ ھو ڀلجي اسپتال کان ٻاھر نڪري وئي ۽ پنھنجي داخل ٿيل ٻچڙي کي ڏسڻ لاءِ تڙپندي دڪا کائيندي گم ٿي وئي،اڳتي نڪرڻ بعد واپسي ورڻ جي ڪا به ذھن ۾ نه رھي ۽ ھو ڪارساز شاهراھ فيصل روڊ ڏانھن ھلي وئي،اتان ڀرسان ريلوي جو ڦاٽڪ ڪراس ڪندي سامھون ايندڙ ٽرين ھيٺيان اچي فوت ٿي وئي،عورت فاطمه جي واپس نه پھچڻ بعد وارثن چار ڏينھن ڏاڍي ڳولا ڪئي پر ڪٿان ڪو ڏس پتو نه مليو بعد ۾ ڀرسان پوليس اسٽيشن تي رپورٽ درج ڪرائڻ پھتا جتي پوليس پاران ھڪ عورت جو ڦاٽڪ تي لاش ھٿ اچڻ جو ٻڌايو ۽ ڇيپا جي سرد خاني ۾ وڃڻ جو ٻڌايو. وارثن پاران اتي پھچڻ بعد لاش جي سڃاڻپ ڪئي وئي،چيپا وارن ٻڌايو ته پوليس جي اطلاع تي ٽرين ھيٺيان اچي فوت ٿيل عورت جو لاش کڻي سرد خاني ۾ رکيو،جتان لاش وارثن حوالي ڪرڻ بعد ھو کڻي پنھنجي ڳوٺ پھتا،جتي ھر طرف ڏک وارو ماحول ڇانيل ھو ۽ روڄ راڙو متل ھو،پنھنجي جگر جي ٽڪڙي جي حياتي بچائڻ ويل جيجل امڙ پنھنجي حياتي وڃائي ويٺي.

  1. ڀاڻج کي معمولي تڪليف هئي پر مٺي اسپتال وارن دربدر ڪيو

مٺي:فوتي عورت جي ڀاءُ رسول بخش نھڙيو عوامي آواز کي رابطي تي ٻڌايو ته ننڍڙي ڀاڻيج حنيف جي ڪجھه ڏينھن اڳ پٿريجي آپريشن ٿي ھئي،جنھن بعد اسان ٽانڪا ڪڍرائڻ مٺي اسپتال وياسين جتان اسپتال انتظاميا اسان جي حيدرآباد ريفر ڪيو ۽ حيدرآباد وارن وري ڪراچي موڪلي ڇڏيو،اسان ننڍڙي کي ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو،جتي پھرين داخلا نه ملي وڏي ڪوشش بعد ڊبل فلور تي ڀاڻيجي کي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو،ساڻس گڏ ان جي امڙ ادي فاطمه ھئي،اسپتال انتظاميا ننڍڙي جي ماءُ جي وارڊ مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو،جنھن بعد ھو جيئن ھيٺ آئي ته ان جو دماغ گھمي ويو ھو ٻاھر نڪري وئي پوءِ ان کي واپسي جي ڪا خبر نه پئي ۽ گم ٿي وئي،اسان چار ڏينھن تائين ڪافي ڳولا ڪئي،ڪالهھ پوليس اسٽيشن تي رپورٽ درج ڪرائڻ پھتاسين ته پوليس ساڳئي پار پتا ٻڌايا ته رات جي انڌھيري ۾ ھڪڙي عورت ڦاٽڪ ڪراس ڪندي ٽرين ھيٺيان اچي فوت ٿي وئي ھئي اسان چيپا سينٽر وارن کي اطلاع ڪيو انھن لاش کڻي سرد خاني حوالي ڪيو آھي اتي چيڪ ڪري ڏسو،اسان اتي وڃي پھتاسين ته سڃاڻپ ٿي وئي،جنھن بعد لاش کڻي ڳوٺ اچي رھيا آھيون،بيمار ٻچڙي جي حياتي بچائڻ خاطر ان جي جيجل ماءُ پاڻ حياتي وڃائي ويٺي آھي،منھنجي ڀاڻج کي معمولي زخم ھئا ۽ پيشاب ۾ تڪليف ھئي پر مٺي اسپتال وارن دربدر ڪري ريفر ڪري ڇڏيو،وڏو نقصان ٿي ويو آھي،ڪنھن کي دانھن ڏيون ھتي سنڌ حڪومت دعوائون ڪري ٿي ته صحت جون سموريون سھولتون موجود آھن اگر سھولتون ھجڻ ھا ته اڄ منھنجي ڀيڻ ايئن زندگي جي جنگ نه ھارائي ھا،

  1. ڪاري سون جا مالڪ  ٻچڙن جي علاج لاءِ ڀٽڪڻ لڳا

مٺي:ڪاري سون جا مالڪ ٿري علاج لاءِ پريشان،ٿرڪول منصوبن مان 2640 ميگاواٽ بجلي فيصل آباد کي ڏيندڙ ڪوئلي جامالڪ معمولي علاج لاءِ ڀٽڪندي ڀٽڪندي زندگيون وڃائي رھيا آھن،ھڪ پاسي اسپتالون موجود آھن ته اتي سھولتون ڪونھي مٺي سول اسپتال ۾ سھولتن جون دعوائون ڪيون ٿيون وڃن ته اتي انتظامي لاپرواھي سبب غريب مسڪين ماڻھو ريفر ٿيندي دربدر آھن،ڪوئلي سميت ٻي معدنيات سان مالامال ھن خطي جا رھواسي صحت،پئيڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سھولتون لاءِ پريشان آھن ۽ ڪوئلي مان ملندڙ 40 ارب رائلٽي سنڌ حڪومت ٿر تي خرچ ڪرڻ بدران پنھنجي گاڏي ھيٺ ڏئي ويٺل آھي،

  1. حڪومت جون دعوائون ڌوڙ، مٺي اسپتال ريفر سينٽر بڻيل

مٺي:سنڌ حڪومت مٺي اسپتال ۾ صحت جون سموريون موجود ھجڻ جون دعوائون ڪندي ٿڪجي نٿي پر سول اسپتال غريب ۽ اٻوجهھ ماڻھن لاءِ شفاخاني بدران ريفر سينٽر بڻجي چڪي آھي،اسپتال ۾ فوتگيون جو رڪارڊ گھٽ ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميا تقريبن معمولي بيمار ٻارڙن توڙي مريضن کي ڪراچي يا حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيندي آھي،جنھن سبب ريفر ٿيندڙ اڪثر مريض وچ رستي توڙي ڪراچي حيدرآباد پھچندي زندگي جي جنگ ھارائي ويندا آھن،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته اسپتال انتظاميا سول اسپتال مٺي جي رڪارڊ ۾ ٻارڙن سميت ٻين فوت ٿيندڙ مريضن جي فوتگين کان بچڻ لاءِ انساني جانين سان کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي،

  1. نينگر جي امڙ جي دردناڪ موت تي سوشل ميڊيا تي بحث، سنڌ حڪومت تي تنقيد

: مٺي:ٻچڙي جي زندگي بچائڻ خاطر پنھنجي حياتي وڃائيندڙ ھڪ جيجل ماءُ جي واقعي بعد سوشل ميڊيا تي سنڌ حڪومت خلاف ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي،سوشل ميڊيا تي لکندڙ نوجوانن موجب ته هي افسوسناڪ واقعو رڳو هڪ حادثو نه پر هڪ ماءُ جي اجڙي ويل دنيا هڪ معصوم ٻچڙي جي يتيمي ۽ سموري سماج لاءِ وڏو سوال بڻجي ويو آھي،ذهني دٻاءَ هيٺ آيل معصوم ٿرياڻي فاطمه جو شاهراهِ فيصل ريلوي اسٽيشن وٽ ٽرين حادثي ۾ اوچتو وڇڙي وڃڻ دل کي چيريندڙ سانحو آهي،هوءَ ماءُ جيڪا پنهنجي ٻچڙي جي زندگي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي پاڻ ئي زندگيءَ کان وڇڙي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.