پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافته 24 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 24 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 4 ۽ 5 فيبروري تي خيبر پختونخوا ۾ ٻن الڳ چڪرين دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 24 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، اورڪزئي ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، آپريشن دوران خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 14 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو جو چوڻ آهي ته ضلعي خيبر ضلعي ۾ به ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز هڪ ٻيو آپريشن ڪيو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وڌيڪ 10 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ٻين ڀارتي سرپرست خارجين خلاف سرچ آپريشن جاري آهن، جڏهن ته ڪليئرنس آپريشنز جو مقصد باقي دهشتگرد عنصرن جو مڪمل خاتمو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف مهم ”ويزن عزمِ استحڪام“ تحت جاري آهي، جڏهن ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جو فيصلائتو ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.