ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي شهر جي مهانگي علائقي ڊي ايڇ اي جي مصروف شاهراهه، خاص طور تي خيابانِ اتحاد روڊ تي لڳايل ڊيجيٽل ايڊورٽائزمينٽ اسڪرينز تي نامعلوم شخصن پاران نازيبا وڊيو نشر ٿيڻ سبب شهرين ۾ سخت تشويش پيدا ٿي وئي آهي. اطلاعات موجب اسڪرينز کي ڪجهه دير لاءِ هئڪ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالستار ايونيو تي شهرين کي متنازع مواد ڏسڻ ۾ آيو. ڪيترن ئي شهرين ويڊيوز ٺاهيون ۽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون، جيڪي تڪڙو وائرل ٿي ويون.وڏو انتظامي قدم وٺندي، متاثر ٿيل اسڪرينز کي فوراً بند ڪيو ويو ته جيئن وڌيڪ ڪنهن قسم جو مواد نشر نه ٿئي. ان کان علاوه، ڊي ايڇ اي جي ٻين اهم شاهراهن، شاهراهِ فيصل ۽ ڪار ساز روڊ تي لڳل ڪيترن ئي اسڪرينز کي پڻ عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. حڪام جي مطابق، نيشل سائبر ڪرائم انويزٽيگيشن ايجنسي ۽ سائبر ڪرائم يونٽ گڏجي واقع جي تفتیش شروع ڪئي آهي. ٽيڪنيڪي ثبوت گڏ ڪري، ڊيٽا لاگز ۽ ٻين ڊجيٽل رڪارڊز جو جائزو وٺي، ذميوار شخصن جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جيئن قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. حڪام موجب احتياطي قدم طور ڊي ايچ اي جي ٻين اهم شاهراهَن سان گڏوگڏ شاهراهِ فيصل ۽ ڪار ساز روڊ تي لڳل ڪيترين ئي ڊجيٽل اسڪرينن کي به عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سسٽمن جو سيڪيورٽي آڊٽ پڻ شروع ڪيو ويو آهي۔واقعي جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ سائبر ڪرائم يونٽ گڏيل طور ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي،اختيارين جو چوڻ آهي ته اسڪرينن کي هيڪ ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ لاءِ ٽيڪنيڪل ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ ڊيٽا لاگز سميت ٻين ڊجيٽل رڪارڊن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ته جيئن ذميوار عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔