اسلام آباد(مهتاب حيدر)پاڪستان سعودي عرب کان حاصل ڪيل 1.2 ارب ڊالر جي سعودي آئل فيسلٽي (SOF) جي موجوده مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻن سالن لاءِ توسيع جي درخواست ڪئي آهي۔اعليٰ سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي ته اسان جاري آءِ ايم ايف پروگرام جي مڪمل ٿيڻ تائين سعودي آئل فيسلٽي ۾ توسيع لاءِ نئين درخواست جمع ڪرائي آهي ۽ هاڻي سعودي اختيارين جي سرڪاري منظوري جا منتظر آهيون۔تنهن هوندي به پيٽروليم وزارت۽ ناڻي وزارت بار بار رابطو ڪرڻ جي باوجود هن معاملي تي ڪو به تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي۔