کپرو(ن ع آ) کپرو ڀرسان ڏاکڻا جي ڳوٺ جانهيري مان آيل ڄڃ جي گهوٽ جي ڀاءُ تي بااثر پاران ڪتن جي بڇ ۽ مارڪٽ تشدد خلاف ڪولھي برادري جي سوين ماڻهن نيڻو ڪولهي جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ وايا کپرو روڊ تي ڪنڊا هڻي بند ڪري ڏاکڻا وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو 3 ڪلاڪ کان ڌرڻو جاري آهي مظاهري باثر جي گرفتاري لاء نعري بازي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي متاثر نيڻو ولد پرتاب ڪولھي دانهيندڙ چيو ته اسان ڳوٺ جانهيري مان ڄڃ وٺي آياسين پئي ته اسان تي ڏاکڻا جي بااثر راشد مري منهنجي ڀاءُ تي ڪتن جي بڇ ڪري تشدد ڪري بي هوش ڪيو آهي اسان اهڙي عمل جي مذمت ڪيون ٿا،هن چيو ته آئي ڏينهن اسان اقليتي برادري تي بااثر ڌر اسان تي ظلم بربريت ڪري رهي آهي ڪير به هنن خلاف تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اسان ڪنهن جي آڏو دانهن ڪيون مجبور ٿي ظلم خلاف پرامن احتجاج ڪيو آهي ٻئي طرف ايس ايڇ او کاهي منير جتوئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ويو ان موقعي تي کاهي ٿاڻي جي ايس ايڇ او منير جتوئي چيو ته مان واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي متاثر ڌر سان انصاف ٿيندو بااثر کي گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف مظاهرين ايم اين اي سانگهڙ شازيه عطا مري ايس ايس پي سانگهڙ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪري بااثر اڳواڻ کي گرفتار ڪيو وڃي واقعي جو کاهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي