”پاڪستان جون 80 ڪمپنيون ازبڪستان منتقل ٿي ويون“

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان جون 80 ڪمپنيون ملڪڇڏِي ازبڪستان منتقل ٿي ويون آهن۔ هن موجب ازبڪستان جي وزير، پاڪستاني وزير سان ملاقات دوران اها ڳالهه ٻڌائي آهي۔مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ٿي رهي آهي، ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن۔ گذريل ٽي چار سالن کان حڪومت روزانو چوندي رهي آهي ته ملڪ ۾ استحڪام اچي ويو آهي ۽ معيشت ٽيڪ آف واري مرحلي ۾ آهي، پر حقيقت اها آهي ته جهاز اڃا به بيٺل آهي ۽ ٽيڪ آف بلڪل به نه ٿي رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.