بيروزگاري وڌي وئي آهي،ان معاملي تي حڪومتون ختم ٿينديون آهن: شيري رحمان

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سپر ٽيڪس کي مستقل آمدني جوذريعو بنائڻ درست ناهي،ڪالهه سينٽ فنانس ڪميٽي ۾ اهو مسئلو اٿاريو آهي،سپرٽيڪس عارضي حل آهي،ان کي آمدني لاءِ مستقل استعمال ڪرڻ ناانصافي آهي،سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي لاءِ ۽ پي پي پارٽي لاءِ هي اهم مسئلو آهي، جيڪو بيروزگاري سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي شرح هاڻي منهنجي خيال ۾ 2000، 2003 يا 2004 کان پهريون ڀيرو 7 سيڪڙو کان مٿي وڃي چڪي آهي. منهنجو سوال اهو آهي ته وفاقي سطح تي بيروزگارن لاءِ پاليسيون ڪير ٺاهي رهيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته وفاقي سطح تي ڏسو ته ايس او ايز ۽ پبلڪ سيڪٽر کي گهٽائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. توهان ڏٺو ته ڪيترائي پبلڪ سيڪٽر ادارا، جن ۾ پي آءِ پڻ شامل آهي، انهن کي رائيٽ سائيزنگ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته توهان برآمد وڌائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو پر ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي رهيون آهن،وڏا صنعتڪار،ملڪي توڙي پرڏيهي ڪمپينون ملڪ ڇڏي رهيون آهن،پنهنجو ميڪرو منيجمنٽ ڪري رهيا آهيو، اهو ٺيڪ آهي، پر مون کي ٻڌايو ته پوءِ جيڪي ماڻهو بيروزگار ٿين ٿا، انهن لاءِ ڪهڙو منصوبو آهي؟هن چيو ته جڏهن اسان نيوٽريشن اسٽور بند ڪندا آهيون، اهي ماڻهو روڊ تي اچي وڃن ٿا. جڏهن ڪو وڏو ايس او اي بند ٿيندو آهي، ماڻهو وري روڊن تي ايندا آهن. بيروزگاري هڪ تمام وڏو مسئلو آهي، جنهن تي حڪومتون ختم ٿينديون آهن ۽ چونڊون ٿينديون آهن. سڄي دنيا ۾، آمريڪا ۾ به چونڊن ۾ جاب ريٽ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي، پر هتي اهو سوال ڇو نٿو ٿئي؟هن چيو ته مان روايتي سوال نه پڇي رهي آهيان، پر اهو چوڻ چاهيان ٿي ته توهان جو پبلڪ پلاننگ هاڻي پرائيويٽ سيڪٽر تي ڏنل آهي، ڇاڪاڻ ته پبلڪ سيڪٽر هاڻي پاڻ هلائي نٿو سگهي. هلو پرائيويٽ سيڪٽر تي ڌيان ڏيون، پر پوءِ توهان ٻڌايو ته نجي شعبي ماڻهن لاءِ روزگار ڪيئن پيدا ڪندو؟هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته ڪهڙن شعبن ۾ توهان اهو انتظام ڏسي رهيا آهيو ته ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ٿئي؟ جيڪڏهن پرائيويٽ سيڪٽر روزگار فراهم ڪندو، ته فيڊرل فنانس ڪميٽي ۾ اچي ان سان ڳالهايو ۽ پڇو ته انهن تي ڪيترا ٽيڪس لاڳو آهن،هن چيو ته اسان وچولي طبقي تي بار بار ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، ۽ وڏن ڪمپنين تي بھ. جيڪڏهن توهان خانگي شعبي کي حمايت نه ڏيو، اهي سيڙپڪاري نه ڪندا، جتي ٽيڪس گهٽ ۽ مقابلي جي شرح مناسب هجن، اتي ئي ويندا،هن چيو ته اسان اتحادي حڪومت جو حصو ضرور آهيون پر سوال ڪرڻ اسان جو حق آهي، جيڪڏهن اسان جو سوال ڪرڻ توهان کي سٺو نٿو لڳي ته اسان اتحادي ڇو آهيون؟ اڄ زراعت جو خراب حال آهي،بلوچستان ۾ زمين هيٺ پاڻي ختم،زمين خشڪ ٿي چڪي آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي کي عوامي مفاد ۾ اهو سوال ڪرڻو آهي، ڇو ته بيروزگاري وڌي رهي آهي، پرائيويٽ سيڪٽر کي روزگار پيدا ڪرڻو آهي ۽ ايگريڪلچر ۽ موسمياتي تبديلين جا مسئلا به گڏ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.