اسلام آباد(منيب فاروق) پاڪستان هن وقت قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي اهم مرحلي مان گذري رهيو آهي، جتي افواهن ۽ حقيقتن ۾ فرق ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي ويو آهي۔ مشاهد حسين سيد هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان عمران خان کي ترڪي وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر سرڪاري ذريعن اها دعويٰ مڪمل طور بي بنياد قرار ڏني آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪجهه اڳواڻ ۽ حمايتي به اهڙيون ڳالههيون ورجائي رهيا آهن، ته عمران خان اڳواٽ وڊيو پيغام رڪارڊ ڪري رکيو آهي يا کيس ڪجهه ٿيڻ جو خدشو آهي۔ عمران خان ۽ سندس حمايتي بار بار دعويٰ ڪن ٿا ته هنن قوم کي “شعور” ڏنو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ڌمڪيون ڏيڻ، مخالفن کي جيل موڪلڻ جون ڳالههيون ڪرڻ، يا جلسن ۾ غيراخلاقي زبان استعمال ڪرڻ شعور آهي؟