اسلام آباد(مطيع الله جان)هي اها ئي سپريم ڪورٽ آهي، جنهن لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل تي سوموٽو نوٽيس ورتو هو۔ ارشد شريف جو لاش ته پاڪستان اچي ويو، پر سندس قاتل اڄ تائين پاڪستان جا ادارا، پوليس ۽ هي سپريم ڪورٽ ڳولي نه سگهي آهي۔سڀ کان وڏو ظلم اهو ٿيو ته تازو ستاويهين آئيني ترميم کان پوءِ ٺهيل وفاقي آئيني عدالت ٽي سال پوءِ به ارشد شريف جي قتل بابت پڪي ۽ سنجيده جاچ لاءِ سندس والده طرفان ڏنل درخواست به رد ڪري ڇڏي۔ عدالت اهو به چيو ته هو موجوده جاچ مان مطمئن آهن ۽ وڌيڪ مداخلت نٿا ڪن،هي اها آئيني عدالت آهي، جنهن جو مقصد ئي بنيادي انساني حقن ۽ آئين جي تشريح ڪرڻ هو۔ آئين جو سڀ کان اهم حصو زندگي جو حق آهي، بنيادي انساني حق آهن۔ پر انهن حقن جي تشريح ڪرڻ بدران، عدالت چيو ته هو جاچ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي۔اها ئي رياست، جنهن صحافي کي اعزاز ڏنو، اڄ ساڳي رياست سندس قتل بابت ڇا ڪري رهي آهي؟ ان جا ادارا ۽ عدالتون ڇا ڪري رهيون آهن؟اهي ادارا، جيڪي سڄي دنيا ۾ دهشتگرد ڳولي سگهن ٿا، ٻاهرين ملڪن ۾ ڪارروائيون ڪري سگهن ٿا، پر صحافي ارشد شريف جي قاتلن تائين نه پهچي سگهيا آهن۔