پاڪستان ۽ قازقستان ۾ پيٽروليم هٿرادو ڏاهپ ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ پيٽروليم، کاڻين کوٽڻ، ميري ٽائم، ڪسٽم، ريلوي، ٽرانزٽ ٽريڊ، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ وٽرنري، هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل ترقي جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ۽ قازقستان ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف گڏيل پڌرائيتي صحيحون ڪيون.ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيٽروليم، کاڻن، ميري ٽائم، ڪسٽم، ريلوي، ٽرانزٽ ٽريڊ، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ وٽرنري، هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل ترقي جي شعبن ۾ مفاهمتي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ گڏيل قومن جي امن دستن ۽ قيدين جي ڏي وٺ بابت معاهدي جي دستاويز تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ان کان اڳ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف قازقستان جي صدر قاسم جومارت جي شاندار آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.