ڪنري ۾ پراڻي تڪرار تان هوٽل تي فائرنگ، هڪ شخص قتل

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ۾ قتل جي پراڻي تڪرار تان هوٽل تي ويٺل شخص تي حملو، گوليون ھڻي قتل، واقعي کان پوءِ ڀٽي برادري ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ پکڙجي وئي، پوليس لاش اسپتال منتقلڪري ڇڏيو، 2 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، ڪنري ويجھو ٻسٽان روڊ تي شيل پيٽرول پمپ جي سامهون جوابدارن پراڻي دشمني تان انداڌنڌ فائرنگ ڪري هوٽل تي ويٺل ڀٽي برادري جي هڪ شخص امير بخش ڀٽي کي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع  ملندي ئي ڀٽي برادري جا مڇريل ماڻهو وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ پوليس کي لاش ڏيڻ کان انڪار ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته علائقي جي معززن جي مداخلت کان پوءِ پوليس مقتول جو لاش تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪيو. واقعي کان ٿوري دير بعد ئي ٻئي جوابدار جاويد نوهاڻي ۽ سردار نوهاڻي پاڻمرادو ٿاڻي تي پيش ٿي ويا، پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. ٻئي پاسي افسوسناڪ واقعي جي خبر ملڻ شرط پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي فرزند نواب شاهمير خان ٽالپر واقعي واري هنڌ پهچي واقعي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڀٽي برادري کي مڪمل سهڪار جي يقين خاطري ڪرائي، پوليس ٻڌايو ته قتل جو هي واقعو تقريبن ويهه سال اڳ نوهاڻي برادري جي قتل ٿيل شخص جي تڪرار جو نتيجو ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن جو الزام ڀٽي برادري تي لڳايو ويو هو. تاحال واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڀٽي برادري ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڳڻتيءَ واري صورتحال برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.