واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي جرنل فارين پاليسي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته نظرياتي ۽ عملي ويجهڙائي جي ڪري افغان طالبان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن. رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته قطر، ترڪي ۽ سعودي عرب جي ثالثي جون ڪوششون افغان طالبان کي ٽي ٽي پي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته طالبان ۽ هندستان جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تڪرار کي وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي، ۽ طالبان پاڪستان سان ٽڪراءَ کي ملڪي سطح تي پنهنجي ساک کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا. فارين پاليسي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان-هندستان تڪرار عدم استحڪام جو ذريعو آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو ته ان جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا. رسالي خبردار ڪيو آهي ته افغانستان-پاڪستان تڪرار تيز ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ آمريڪي مفادن خلاف حملن کي باهه ڏئي سگهي ٿو ۽ وسيع خطي ۾ انتشار جو سبب بڻجي سگهي ٿو.