اسلام آباد (بيورو) مواصلات ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان تقريبن ٻه مهينا اڳ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشا خان سان سخت لفظن جي ڏي وٺ تي باقاعده معذرت ڪري ورتي، سينيٽ اجلاس دوران، عليم خان هن اڻ ونندڙ واقعي جو ذڪر ڪيو، عليم خان چيو ته هن سياست ۾ 24 سال گذاريا آهن ۽ هر ساٿيسان عزت جو رشتو رکيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مرحلا اچن ٿا جن لاءِ هو پلوشا خان ۽ ٻين ميمبرن کان دل سان معذرت ڪري ٿو، پلوشا خان عليم خان جي معذرت کي قبول ڪندي چيو ته اسان سڀني جي عزت هڪجهڙي آهي ۽ هو پراميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ سڀني ميمبرن جي عزت ۽ احترام کي ذهن ۾ رکيو ويندو ۽ اهڙو ماحول پيدا نه ٿيندو جيئن اڳ ۾ ٿيو، اهو اڻ وڻندڙ واقعو 19 ڊسمبر تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش آيو هو جتي عليم خان ۽ پلوشا خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، رپورٽن موجب عليم خان پلوشا خان کي شٽ اپ چيو هو، جنهن تي پلوشا خان جو جواب "يو شٽ اپ” ٿيو، عليم خان چيو هو ته مون کي اوهان جي ڪارنامن جي خبر آهي.