اسلام آباد (بيورو) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2026ع جي پهرين ملڪ گير پوليو ويڪسينيشن مهم جاري آهي جنهن تحت صحت جا ڪارڪن گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري رهيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اها مهم اسان جي ٻارن جي تحفظ ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي طرف هڪ انتهائي اهم قدم آهي، سمورا والدين جن جا 5 سال يا ان کان گهٽ عمر جا ٻار آهن، لازمي طور تي هر ڀيري ويڪسينيشن مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين ڇو ته پوليو جي مستقل خاتمي جو اهو ئي واحد موثر طريقو آهي.