نواب شاهه (ڊ ر) نواب شاهه جي تعلقي دوڙ ويجهو ٽريفڪ حادثو، ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 16 زخمي ٿي پيا. دوڙ ويجهو احمد ڇٽا اسٽاپ لڳ تيز رفتار ڪار ۽ مسافر ويگن وچ ۾ شديد ٽڪر\جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد فوت ٿي ويا جڏهن ته 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جي سڃاڻپ وقاص طفيل ۽ شفق خالد جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي بهاولپور کان ڪراچي وڃي رهيا هئا، حادثي جي فوري بعد مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو ٽيمن امدادي ڪارروائيون ڪندي زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ذريعن موجب زخمين مان 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب انهن کي وڌيڪ بهتر علاج لاءِ نواب شاهه ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين زخمين کي دوڙ اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، زخمين ۾ عزيزان، سبحاني، دادلي، زاهده، ماروي، سلميٰ، اقبال حسين، بهادر، بشير، امان الله، زاهد، ڪاشف، خادم، معشوق، لونگڙي ۽ سنينا شامل آهن. پوليس مطابق حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تان گاڏيون هٽائي ٽريفڪ جي رواني بحال ڪئي وئي.