آمريڪا سان سفارتڪاري لاءِ تيار آهيون پر… ايراني پرڏيهي وزير وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۽ اسرائيل تي جنوري وارن احتجاجن ۽ بدامني ۾ ملوث هئڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته هو ”تازي سازش ۾ ناڪامي کانپوءِ سفارتڪاري طرف آيا آهن.“
عباس عراقچي پرڏيهي وزارت جي عملي جي موجودگي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪو شخص احترام سان ڳالهائيندو، ان کي احترام سان جواب ملندو ۽ جيڪو ڌمڪي ۽ ڏاڍ سان ڳالهائيندو، ان کي به ساڳئي ٻولي ۾ جواب ڏنو ويندو.
عباس عراقچي 18 کان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ احتجاجن کي ”اسرائيل ۽ آمريڪا سان ٻارهن ڏينهن واري جنگ جو تسلسل“ قرار ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن وارن واقعن جو عوامي احتجاج ۽ سندن ڳڻتين سان ڪو به تعلق ناهي.“
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته” تازي سازش ۾ ناڪامي کانپوءِ هاڻي هو ٻيهر سفارتڪاري جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ اسان به هميشه سفارتڪاري لاءِ تيار آهيون، شرط آهي ته اِها برابري جي بنياد تي، گڏيل احترام سان ۽ گڏيل مفادن جي حاصلات لاءِ هجي.“
هن چيو ته ”اسان سفارتڪاري لاءِ تيار آهيون، پر کين اهو سمجهڻ گهرجي ته سفارتڪاري ڌمڪي، ڏهڪاءَ ۽ دٻاءَ ذريعي نٿي ٿئي، سفارتڪاري جو پنهنجو طريقو هوندو آهي.“
عباس عراقچي جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن، جڏهن تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ سفارتي سرگرميون وڌي ويون آهن ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ نين ڳالهين جي امڪان بابت رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.