اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪنهن به اگر مگر کانسواءِ دهشتگردن کي دهشتگرد چيو وڃي، بلوچستان ۾ نه ڪو ناراض آهي ۽ نه ئي ڪو حقن جو مسئلو آهي.
سينيٽ ۾ خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته ڏوهاري سرگرميون ڪجهه گروهه گڏجي ڪٿي به ڪري سگهن ٿا، محفوظ علائقن ۾ به گروهه گڏ ٿي ماڻهن کي يرغمال بڻائين ٿا، بلوچستان ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهو بسون روڪي مسافرن کي هيٺ لاهين ٿا، اهي ٻين صوبن جي ماڻهن کي سندن گهرڀاتين جي سامهون شهيد ڪن ٿا ۽ پوءِ لڪي وڃن ٿا، هو جعفر ايڪسپريس ۾ به ماڻهن کي مارين ٿا.
رانا ثناءُ الله چيو ته اِها ڪهڙي ڪاوڙ آهي جو توهان بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪريو ٿا، جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا مڙهه جڏهن ڪوئيٽا اسپتال آندا وياته ڪنهن وڃي انهن کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو؟
رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ڪنهن به اگر مگر کانسواءِ دهشتگردن کي دهشتگرد چيو وڃي، بلوچستان ۾ نه ڪو ناراض آهي ۽ نه ئي ڪو حقن جو مسئلو موجود آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هي( دهشتگرد) دشمن جي اشاري تي پاڪستان خلاف ڪارروائيون ڪري رهيا آهن.