بلوچستان ۾ اسان جي فوج اڳ ئي موجود آهي، پر اتي وڏي پئماني تي فوجي اهلڪارن جي مقرري ضروري آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلوچستان جي جغرافيائي صورتحال سبب اتي وڏي پئماني تي فوجي اهلڪارن جي مقرري اڻٽر آهي، پاڪستان جو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو بلوچستان تي ٻڌل آهي، جتي هر 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ماڻهو آباد آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ انهتائي ڏکيو عمل آهي.
سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته صوبي ۾ اسان جي فوج اڳ ئي موجود آهي، پر وڌيڪ وڏي پئماني تي مقررين جي ضرورت آهي.
هن الزام لڳايو ته گذريل حڪومتن بيوروڪريسي سان ملي ڪري وسيلن جي درست ورڇ نه ڪئي آهي، ٻين صوبن ۾ به ساڳي صورتحال موجود آهي.
خواجه آصف اهو به انڪشاف ڪيو ته بلوچستان ۾ قبائلي سردارن، ڏوهاري عنصرن ۽ بيوروڪريسي جو ڳٺ جوڙ موجود آهي،انهن تنظيمن کي ڏوهاري ماڻهو تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن.
خواجه آصف اِهو خطاب اسپيڪر اياز صادق جي درخواست تي ڪيو، جنهن کيس بلوچستان جي صورتحال بابت ايوان کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ چيو هو.
خواجه آصف پنهنجي خطاب جي شروع ۾ چيو ته بلوچستان ۾ امن جي بحالي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران بار بار متاثر ٿي آهي، ان باوجود صوبي ۾ ڊگهي عرصي تائين امن قائم رهيو ۽ ترقياتي ڪم پڻ ٿيا.
بچاءَ واري وزير چيو ته ملڪ ٺهڻ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ هن بدامني جي اثرن کي هڪ قسم جو سياسي رنگ ڏنو ويو هو،
هن چيو ته ڪجهه شڪايتون به هيون،ان ڳالهه ۾ وڃڻ کانسواءِ ته اهي درست هيون يا غلط، ڪجهه شڪايتن ۾ قوم پرستي جو رنگ به شامل هو.“
خواجا آصف چيو ته ڀارتي حمايت يافته عنصر بلوچستان ۾ پراڪسي طور سرگرم آهن ۽ افغان سرزمين کي به صوبي ۾ دهشتگردي ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، دهشتگردن جي قيادت افغانستان ۾ آهي ۽ کين اتان مدد ملي ٿي.
بچاءَ واري وزير چيو ته هڪ راءِ اها به موجود آهي ته دهشتگردن يا قومي تحريڪ جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪيون وڃن، ٻين ملڪن ۾ به سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ايتري قدر جو انهن جماعتن سان به جيڪي پرتشدد ٿي ويون هيون.
سندس چوڻ هوته بلوچستان ۾ قبائلي اڳواڻن، ڪامورن ۽ عليحدگي پسند تحريڪ هلائيندڙن وچ ۾ ڳٺ جوڙ موجود آهي.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران بلوچستان ۾ 177 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 16 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 33 عام شهري شهيد ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.