” ڪرڪيٽ سياست جا بند در کولي سگهي ٿي“ پاڪستان پاران ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ تي آفريدي جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهـد آفريدي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ميچ نه کيڏڻ واري حڪومتي فيصلي کي بهترين قدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي شاهـد آفريدي چيو ته هن هميشه ان ڳالهه تي يقين رکيو آهي ته جڏهن سياست جا درَ بند ٿي ويندا آهن ته ڪرڪيٽ دروازا کولڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
شاهـد آفريدي چيو ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ افسوسناڪ ضرور آهي، پر هو ان فيصلي ۾ پنهنجي حڪومت جي حمايت ڪري ٿو.
شاهـد آفريدي جو چوڻ هو ته هي وقت آءِ سي سي لاءِ هڪ امتحان آهي ته هو بيان بازي بدران پنهنجي فيصلن ذريعي ثابت ڪري ته هو هڪ اڻڌريو، خودمختيار ۽ سڀني رڪن ملڪن سان منصفاڻي رويو رکندڙ ادارو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي بي) ڀارت ۾ سڪيورٽي خدشن جي بنياد تي آءِ سي سي کان درخواست ڪئي هئي ته بنگلاديشي ٽيم جون ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون هڙئي ميچون سريلنڪا منتقل ڪيا وڃن، آءِ سي سي اجلاس دوران ميمبرن ملڪن مان سواءِ پاڪستان جي سڀني بنگلاديشي موقف جي مخالفت ڪئي هئي.
ان کانپوءِ بنگلاديش ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ آءِ سي سي ان جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪيو هو.
ان صورتحال کانپوءِ پاڪستان حڪومت بنگلاديش سان ايڪي جي اظهار طور 15 فيبروري تي ڀارت خلاف شيڊيول هاءِ وولٽيج ميچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.