پاڪستان جو ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان نه کيڏڻ جو اعلان، بي سي سي آءِ جو بيان به اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي نائب صدر راجيو شڪلا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏنو آهي.
راجيو شڪلا چيو ته جيستائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿئي، تيستائين بي سي سي آءِ پاڪستان جي فيصلي بابت ڪا به راءِ نه ڏيندو.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي ان حوالي سان اسپورٽس مين شپ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هو آءِ سي سي جي موقف سان اتفاق ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.