وزيراعظم سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ملاقات، امن لاءِ وفاق ۽ صوبي جو سهڪار اڻٽر قرار

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم صوبي ۾ امن امان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل سهڪار کي اڻٽر ناگزير قرار ڏنو.
ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي شهباز شريف سان ملاقات وزيراعظم آفيس ۾ ٿي، ملاقات ۾ خيبرپختونخوا حڪومت جي ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم، گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير امير مقام ۽ رانا ثناءُ الله به موجود هئا.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪي پي جي وڏي وزير جي ملاقات جي حوالي سان پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب وزيراعظم چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي ادارن کي مضبوط ڪري.
پڌرائي موجب، شهباز شريف جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت بااختيار آهي، ڪي پي حڪومت امن امان جي بحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پنهنجي آئيني ذميواري نڀائي، عوامي صحت ۽ تعليم لاءِ قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم چيو ته امن امان لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي، صوبي جي عوام جي خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور ڪوششون جاري رکندي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم خيبر پختونخوا ۾ ترقياتي منصوبن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي موقعن جي واڌاري لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ هڪجهڙي ترقي واري ويزن تي عمل پيرا آهي، صلاح مشوري ۽ گڏيل ڪوششن سان قومي ايڪي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.