ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوابشاهه واسي پورهيت قتل

ڪراچي (رپورٽر) نيو ڪراچي صبا سئنما ويجهو ڦورن فائرنگ ڪري هڪ آن لائن رڪشا هلائيندڙ شهري کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي سڃاڻپ 35 سالن جي اعجاز ولد ميان خان جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جيڪو لاسي گوٺ جو رهواسي ۽ نواب شاهه سان تعلق رکندڙ هو، مقتول هڪ ننڍڙي ڌيءُ جو والد هو، شروعاتي جاچ موجب فائرنگ ڦر دوران مزاحمت تي ڏوهارين طرفان ڪئي وئي، جوابدارن اعجاز کي پوئتي کان چار گوليون هڻي قتل ڪيو، مقتول جو موبائل فون، پرس ۽ ٻيو سامان غائب آهي، شڪ آهي ته جوابدار سمورو سامان ڦر ڪري نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪيون پيا، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.