ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو وڳوڙ ڪرائڻ جي سازش آهي: جي يو آءِ سنڌ

ڪراچي (پ ر) جمعيت علماءِ سنڌ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس مرڪزي صدر ڊاڪٽر مولوي محمود حسن کڏي واري جيصدارت ھيٺ کڏي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي ڪميٽيءَ جي عهديدارن جي سالياني چونڊ سان گڏوگڏ تنظيمي ڪم ڪار جي وڌائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ ھيٺيون قراردادون پاس ڪيون ويون، سنڌ کي ورھائڻ ۽ ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو سنڌ ۾ فساد ڦهلائڻ جي سازش آھي اھا سازش بند ڪئي وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جو گورنر پنھنجي آئيني ذميدارين ۽ اختيارن کان هٽي ڪري سنڌ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رھيو آھي ان کي نا اھل قرار ڏئي کيس گورنر جي عھدي تان ھٽايو وڃي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ذريعي بدامني  پکيڙي عام ماڻھوءَ جي زندگي داءَ تي لڳائي وئي آهي ڌاڙيلن خلاف موثر ڪارروائي ڪري عوام کي تحفظ ڏياريو وڃي، ڊاڪٽر مولوي محمود حسن جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس کي سياسي ۽ ۽ غير سياسي مداخلت کان آزاد ڪري با اختيار ۽ باصلاحيت بڻائي عوام جو اعتماد بحال ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.