ڪراچي جي امن کي خطرو، 180 ماڻهن جا نالا ٿري ايم پي او فهرست ۾ شامل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ امن  امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جي خدشي سبب 180 ماڻهن جا نالا 3 ايم پي او فهرست ۾ شامل، نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو، صوبائي گهرو وزارت پاران ڪراچي ۾ امن و امان خراب ٿيڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي 180 ماڻهن کي 3 ايم پي او تحت نظر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو  ويو، جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن موجب 180 ماڻهن کي نظر بند ڪرڻ جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ مختلف ضلعن مان ماڻهو شامل آهن، فهرست ۾ شاملماڻهن بابت چيو ويو آهي ته اهي ماڻهو رستن کي بند ڪرڻ،  ڌرڻا ڏيڻ ۽ امن و امان جي صورت حال خراب ڪرڻ ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن امن و امان خراب ٿيو ته عوامي جان ۽ مال کي خطرو پيش اچي سگهي ٿو، ان لاءِ انهن سڀني ماڻهن کي 30 ڏينهن لاءِ نظر بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، ڄاڻايل ماڻهن کي گرفتار ڪري ملير جيل منتقل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان الزام لڳايو آهي ته پوليس پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهي آهي، جن ماڻهن جا نالا هن فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن، انهن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي ۽ اهي گرفتار ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.