ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي انڊر 19 ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

بلاويو (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 58 رنسن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
سپر سڪس مرحلي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 49.5 اوورن ۾ 252 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت طرفان ويدانت تريويدي 68، چوهاڻ 35، سورياونشي 30 رنسن جي اننگز کيڏي، پاڪستان جي سبحان 3، صيام 2، علي رضا، احمد حسين، مومن قمر ۽ علي حسن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 46.2 اوورن ۾ 194 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عثمان خان 66، حمزا ظهور 42، ڪپتان فرحان يوسف 38 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي کلان پٽيل ۽ ايوش مهاتري 3-3، چوهاڻ، ملهوترا، پٽيل ۽ امبرش هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.