ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پ پ سنڌ کي يرغمال بڻايو آهي، اسان کي قبضي جو اهو نظام ختم ڪرڻو پوندو.
شاهراهه فيصل تي ”جيني دو ڪراچي ڪو“ مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ماڻهو ڪراچي کي اڳتي وڌندي ڏسڻ چاهين ٿا، گل پلازا سانحي تي ڪو پڇڻ وارو نه هو، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ رهندا آهن پر اهي به گل پلازا نه پهتا، وزيراعظم به ڦٽن تي مرهم رکڻ ڪراچي نه آيو.
هن چيو ته حڪمرانن عوام کي حقن کان محروم رکيو آهي، اسان بااختيار شهري حڪومت چاهيون ٿا، شهر کي وفاق حوالي ڪرڻ ڪو حل ناهي.
حافظ نعيم اعلان ڪيو ته 14 فيبروري تي تاريخي ڌرڻو هڻنداسين، هن ڀيري سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين ته اختيار وٺي اُٿنداسين.
You might also like