پاڪستان جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڀارت سان ميچ نه کيڏڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو ويو.
ملاقات کانپوءِ حڪومت اعلان ڪيو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏندو پر ڀارت خلاف ميچ نه کيڏندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت مقابلو 15 فيبروري تي شيڊيول آهي.
ذريعن موجب ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جي حوالي سان آءِ سي سي جو جانبدراڻو فيصلو مک حيثيت رکي ٿو، پاڪستان حڪومت ان معاملي تي بنگلاديش سان يڪجهتي جو اظهار ڏيکارڻ چاهي ٿي.
حڪومتي ذريعن موجب آءِ سي سي جي پليٽ فارم تي هڪ ملڪ لاءِ هڪڙو ۽ ٻئي ملڪ لاءِ ٻيو معيار اختيار ڪيو ويندو آهي، اهو سڀ جانبداري تي ٻڌل هوندو آهي، تنهن ڪري احتجاج رجسٽرڊ ڪرائڻ ضروري هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.