پاڪستان آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ به آسٽريليا کي شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 111 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان صائم ايوب 56 ۽ بابر اعظم 50 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، شاداب خان 46، خواجا نافع 21 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
آسٽريليا طرفان بين ردوشوئس 2، ميٿيو ڪوهنيمن، ميٿيو شارٽ، ڪوپر ڪونولي ۽ ڪيمرون گرين هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم 16.5 اوورن ۾ 96 رنسون ٺاهي سگهي، مارڪس اسٽوئنس 23 ۽ ڪيمرون گرين 22، جوش فلپي 14 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان محمد نواز بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 2، ابرار احمد ۽ نسيم شاهه هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.