ايراني پارليامينٽ يورپي ملڪن جي فوجن کي ”دهشتگرد گروهه“ قرار ڏئي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ يورپي ملڪن جي فوجن کي دهشتگرد گروهه قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو قدم يورپي يونين طرفان ايراني پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو ردعمل آهي.
پارليامينٽ اجلاس دوران ميمبرن پاسداران انقلاب سان يڪجهتي جي اظهار طور پاسداران جون سايون ورديون پاتيون.
يورپي يونين جي فيصلي کي غير ذميواراڻو قدم قرار ڏيندي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو ته پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ خلاف فوجي قدمن بابت قانون جي آرٽيڪل 7 تحت يورپي ملڪن جي فوجن کي دهشتگرد گروهه سمجهيو ويندو.
هن چيو ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي يورپي ملڪن جي فوجي اتاشين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.