بابر اعظم ڪوهليءَ جو هڪ ٻيو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽر بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽين جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
لاهور ۾ آسٽريليا خلاف ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بابر اعظم 36 بالن تي ناقابل شڪست 50 رنسن جي اننگز کيڏي، هن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 39هين ففٽي اسڪور ڪري ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
31 ورهين جي بابر اعظم اهو ڪارنامو 139هين ميچ ۾ انجام ڏنو، جڏهن ته ڪوهلي 125 ميچن ۾ 138 ففٽيون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.