ٽنڊو رحيم خان ڀرسان هٿياربندن جو گهر تي حملو، ناري ۽ چاچو قتل

جوهي (رپورٽ: احمد رزا پيرزادو) ڪاڇي جي ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي جي حد ڳوٺ سجاول آلکاڻي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان آلکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ناري صاحبه ۽ سندس چاچو علي جان آلکاڻي گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال جوهي پهچايو جتي فرٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي ناري صاحبه ۽ علي جان آلکاڻي زندگي جي جنگ هارائي ويا، ٻنهي جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال جوهي آندا ويا جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولا جي ڀاءُ محمد فهيم آلکاڻي ٻڌايو ته اسان جي ذات وارن آلکاڻي برداري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو هو صبح جو ناشتي جي وقت ھڪ ڌر جي اڌ درجن کان وڌيڪ ماڻھن اسان جي گهر اندر داخل ٿي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي ڀيڻ ناري صاحبه ۽ چاچو علي جان آلکاڻي قتل ٿي ويا، اسان جو ڪنهن به ڌر سان ڪوب مسئلو ناهي اسين ٽئين ڌر جا آھيون اسان سان ظلم ٿيو آھي نياڻي ۽ چاچو بيگناھ ماريا ويا آھن، ٽنڊو رحيم خان پوليس قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي بر وقت اسان اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو مگر پوليس روايت موجب دير سان پهتي هن چيو ته ايس ايڇ او ٽنڊو رحيم خان ۽ پوليس عملي کي هڪ جوابدار فيضو آلکاڻي اسان پڪڙي ٿاڻي وارن جي حوالي ڪيو آھي پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان لاءِ ڪيس ۾ مونجهارا پيدا ڪري رهي آهي، ايس ايڇ او ٽنڊو رحيم خان ٻڌايو ته مک جوابدار فيض محمد آلکاڻي کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.