بلوچستان ۾ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي طرز حڪمراني سڀ کان مقبول:عوامي سروي

اسلام آباد(عمر چيما) 31 جنوري جي  تاريخ بلوچستان جي تاريخ ۾ يادگار طور لکجي ويندي۔ اڄ صبح ڇهين وڳي بلوچستان جي 12 مختلف شهرن ۾ هڪ ئي وقت دهشتگرد حملا ڪيا ويا، جن جي ذميواري دهشتگرد تنظيم بلوچستان لبرريشن آرمي  قبول ڪئي آهي۔ اهڙي هم وقتي حملي سان دهشتگردن اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو ڪنهن به وقت، ڪنهن به هنڌ حيران ڪندڙ وار ڪري سگهن ٿا۔انٽيليجنس رپورٽن مطابق حملي جا خدشا اڳ ئي موجود هئا، پر ان باوجود سڄي صوبي ۾ اهڙا حملا ٿي وڃڻ انٽيليجنس ناڪامي طرف اشارو ڪن ٿا۔اهو به ڏٺو ويو ته حملي دوران عوام طرفان پوليس سان ڪو خاص تعاون سامهون نه آيو، جنهن جا سبب خوف، همدردي يا بدلي جو ڊپ ٿي سگهن ٿا،اهي حملا فوجي طاقت جو ثبوت ناهن، پر دهشتگردن پنهنجي صلاحيت ڏيکاري آهي ته هو سڄي صوبي کي هڪ ڏينهن ۾ مفلوج ڪري سگهن ٿا، جيئن ماضي ۾ ڪراچي بند ٿيندو هو۔ٻئي پاسي  7 جنوري تي هڪ نجي اداري انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ اوپينئن ريسرچ طرفان ڪيل  سروي موجب بهترين وڏي وزير لاءِ  تمام عزت واري،سادي ۽ عوام دوست اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کي 26 سيڪڙو عوام جي حمايت حاصل رهي،موجوده وڏي وزير سرفراز بگٽي  کي 21 سيڪڙو عوام قبوليو، اهو غيرمعمولي آهي ته موجوده وزيراعليٰ کي به وڏي حمايت ملي،ٽئين نمبر تي ڄام ڪمال رهيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي  سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيل جماعت آهي،ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِان کان پوءِ  نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي،اختر مينگل جي پارٽي کي صرف 3 سيڪڙو حمايت ملي،ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قومي سطح جون پارٽيون صوبائي پارٽين کان وڌيڪ مقبول آهن۔اڪثريت جو خيال آهي ته  بلوچستان غلط رخ  تي وڃي رهيو آهي،سروي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڇا آهي؟ جي سوال تي بي روزگاري کي نمبر ون مسئلو قرار ڏنو ويو نه ته دهشتگردي، نه امن امان!اهو انتهائي اهم نڪتو آهي، ڇو⁠ته گهڻا نوجوان 40 هزار رپين جهڙي معمولي رقم عيوض به دهشتگردن سان شامل ٿي وڃن ٿا، صرف روزگار جي اميد ۾،صرف هڪ سيڪڙو  ماڻهن بي ايل اي يا بي ايل ايف جي حمايت ظاهر ڪئي،32ماڻهن چيو ته “اسان نٿا ڄاڻون”ماهرن موجب ماڻهو ڊپ سبب پنهنجي اصل راءِ نٿا ڏين، تنهنڪري حقيقت ۾ همدردن جو انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، پر ان باوجود صورتحال بي اميد ناهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.