لاهور(امداد سومرو) گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ حالتون ڪافي ڳڻتي جوڳيون نظر اچي رهيون آهن۔ وڏن وڏن آفيسرن جون بدليون، نيشنل اڪائونٽيبليٽي بيورو (نيب) جو اوچتو سرگرم ٿيڻ، هڪ کان پوءِ ٻيا نوٽيس سوال اهو آهي ته آخر ٿي ڇا رهيو آهي؟ڇا سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سياسي نظام کي ويڙهڻ جي تياري ٿي رهي آهي؟يا صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان مرڪزي اتحاد ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ڇا انهن کي آهستي آهستي سسٽم مان ٻاهر ڪڍڻ جو بندوبست ٿي رهيو آهي؟ايندڙ ٽي کان چار مهينا سنڌ حڪومت لاءِ انتهائي سخت ٿي سگهن ٿا۔ ممڪن آهي ته ان کان پوءِ به حالتون سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿين۔صاف لفظن ۾ چيو ويو ته آهي ته ”سسٽم“ اهڙي نموني نٿو هلي سگهي، جيئن هن وقت هلي رهيو آهي، هاڻي سڀ ڪجهه سنڌ حڪومت جي مرضي سان نه هلندو.،خاص طور تي گل پلازا واقعي کان پوءِ، اهي قوتون جيڪي اڳ ئي موقعي جي تلاش ۾ هيون، انهن کي مداخلت جو موقعو ملي ويو،گل پلازا واقعي کان پوءِ ڪراچي جي شهري انتظاميا، شهري حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي مڪمل طور وائکو ڪيو ويو،، خود ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي جي رپورٽ، جيڪا حڪومتي وزير پيش ڪئي، ان ۾ به وڏي پيماني تي بدانتظامي ۽ ناقص گورننس جو ذڪر هو۔ رپورٽ مان ظاهر ٿيو ته ادارا اهڙي سطح جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل ئي نه هئا۔ان صورتحال کي متحده قومي موومينٽ پنهنجي سياست کي زنده ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔لساني سياست، “ڪراچي وفاق حوالي ڪيو” جهڙا نعرا، ۽ سنڌ حڪومت خلاف بيان بازي ، اهي سڀ شيون ان ئي سياست جو حصو آهن، جيڪا ورهاست ۽ نفرت تي ٻڌل آهي۔آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو کي نيب سکر طلب ڪيو ويو،هن کان ملڪيتن جا تفصيل مقرري کان وٺي هاڻي تائين پوسٽنگ جو رڪارڊ تنخواهن ۽ بونس جو حساب ڏنل ٺيڪن جا تفصيل سڀ ڪجهه طلب ڪيو ويو۔سکر بئراج جي بحالي وارو معاملو به شڪ جي دائري ۾ اچي ويو آهي۔ان کان پوءِسولر منصوبي بابت چيف سيڪريٽري کان وضاحت ،محنت کاتي ۾ ساڍا پنج ارب رپين جي ٺيڪن جي جاچ صحت، لوڪل گورنمينٽ، فوڊ ۽ ٻين کاتن جي اعليٰ آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون،اهي سڀ آفيسر اهي هئا، جن بابت چيو ويندو هو ته اهي “تمام طاقتور” آهن ۽ سياسي سيٽ اپ جي ويجهو آهن۔انهن جو اوچتو هٽجڻ، صاف اشارو ڏئي رهيو آهي ته مٿان کان دٻاءُ وڌي رهيو آهي۔اصل مقصد پيپلز پارٽي کي هٽائڻ نه،پر سخت ڪنٽرول، دٻاءُ ۽ فيصلا پنهنجي هٿ ۾ رکڻ آهي،ذريعن ٻڌايو ته حڪومت ساڳي رهندي زرداري صدر رهندومراد علي شاهه وزيراعليٰ رهندو پر ڪيترن اهم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو،وڌيڪ نوٽيس، انڪوائريون ۽ ڪارروائيون ٿينديون،ايندڙ 2 کان 4 مهينا انتهائي سخت هونداڪجهه نوٽيس ته اڳ ئي جاري ٿي چڪا آهن،۽ ڪجهه تيار پيا آهن۔