آسٽريلوي بيٽر عثمان طارق جي ايڪشن تي اعتراض واري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ(آسٽريليا جي بيٽر ڪيمرون گرين عثمان طارق جي بال تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ”چڪنگ“ جو اشارو ڪيو.
لاهور ۾ کيڏيل ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريلوي بيٽر ڪيمرون گرين 35 رنسون ٺاهي عثمان طارق جي پهرين ئي اوور ۾ پويلين موٽي ويو.
عثمان طارق جي بال تي شاداب خان ڪيچ وٺي ڪيمرون گرين جي اننگز جو خاتموڪيو.
ڪيمرون گرين جيئن ئي آئوٽ ٿي پويلين ڏانهن وڃڻ لڳو ته کيس ”چڪنگ“ جو اشارو ڪندي ڏٺو ويو.
واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو عثمان طارق تي ”چڪنگ “ جو الزام لڳايو ويو هجي، ان کان اڳ به سندس بالنگ ايڪشن تي اعتراض واريو ويو هو، جنهن کانپوءِ ٽيسٽ بعد کيس ڪليئر قرار ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.