اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گوادر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن حملو ڪري بلوچ مزدور خاندانن جي 11 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الهندستان خلاف بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 67 ٿي ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن سان وڙهندي 10 بهادر جوان به شهيد ٿي چڪا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن گوادر ۾ بلوچ مزدور خاندانن جي 11 ڄڻن کي به شهيد ڪيو، جن ۾ 5 مرد، 3 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن.
You might also like