اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائيءَ جي ستايل عوام لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي، ايل پي جي مهانگي ڪئي وئي آهي.
اوگرا فيبروري لاءِ ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ايل پي جي جي قيمت ۾ 6 رپيا 37 پيسا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو گرام جو گهريلو سلينڊر 75 رپيا 71 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2667 رپين جو ٿي ويو آهي.
You might also like