پاڪستان ستن سالن کانپوءِ آسٽريليا کان ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ آسٽريليا کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهيون سلمان علي آغا 76 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
آسٽريليا خلاف پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي، صاحبزاده فرحان هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو 5 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
صائم ايوب 23 ۽ بابر اعظم به 2 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، اهڙي صورتحال ۾ ڪپتان سلمان علي آغا ذميوراڻي ۽ تيز رفتار اننگز کيڏي هن چاليهه بالن تي 76 رنسن جي اننگز کيڏي.
ان کانسواءِ عثمان خان به ففٽي اسڪور ڪئي ۽ هو 36 بالن تي 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شاداب خان 28 ۽ محمد نواز 9 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان جي 199 رنز جي هدف جي جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم گرين شرٽس جي اسپنرن جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان وڪيٽون ڪِرڻ جو سلسلو جاري رهيو.
آسٽريليا جي ٽيم 15.4 اوورن ۾ 108 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪيمرون گرين سڀ کان وڌيڪ 35 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ميٿيو شارٽ 27 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ابرار احمد ۽ شاداب خان 3،3 وڪيٽون حاصل ڪيون، عثمان طارق 2، جڏهن ته صائم ايوب ۽ محمد نواز هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
اها ريت گرين شرٽس آسٽريليا کي 90 رنز تان آئوٽ ڪلاس ڪندي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي srse حاصل ڪري ورتي.
واضح رهي ته پاڪستان 7 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ڏني آهي.
ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون.
عثمان طارق، فهيم اشرف ۽ نسيم شاهه کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي، سلمان مرزا ۽ فخر زمان کي آرام ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.