اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بلوچستان جي 12 هنڌن تي فتنه الهندوستان جا بزدلاڻا حملا ناڪام بڻائيندي جوابي ڪارروائيءَ دوران 58 دهشتگردن جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، بزدل دهشتگردن بلوچستان جي 12 مختلف هنڌن تي هڪ ئي وقت حملا ڪيا، جن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻايو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز جي اثرائتي ۽ وقتائتي ڪارروائيءَ دوران 58 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻين دهشتگردن جو پيڇو جاري آهي.
ذريعن موجب، جوابي ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز جا 10 بهادر اهلڪار دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
ٻئي پاسي گوادر ۾ دهشتگردن جي حملي دوران هڪ ئي ڪٽنب جا پنج ڀاتي به شهيد ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو زميني ۽ هوائي رستي پيڇو ڪيو پيو وڃي، دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.