حيدرآباد(رپورٽ؛ حسيب لطيفي) سنڌ جي قومپرست، ترقي پسند پارٽين جي اڳواڻن، اديبن ۽ دانشورن چيو آهي ته ملڪ اندر پارليامينٽ جي حيثيت رٻڙ اسٽيمپ واري آھي،قومي وحدتن کي ٽوڙي نون صوبن ٺاهڻ واري سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين،سنڌ جي وسيلن، معدنيات ۽ زمين تي زوري قبضي خلاف پرامن عوامي جدوجھد جو اڻکٽ سلسلو شروع ڪيو ويندو. حيدرآباد ۾ موجوده سماجي، معاشي ۽ سياسي مسئلن تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ نيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.ڪانفرنس ۾ قومپرست پارٽين، ھاري تنظيمن، اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته اسان پرامن سياسي جدوجهد ذريعي سنڌ ۾ تاريخي، عوامي احتجاج ڪنداسين، اسين سمنڊ ۽ سنڌ جي وسيلن، زمين، ٻولي ۽ معدنيات کي بچائڻ لاءِ ميدان تي نڪتا آهيون. هن چيو ته ملڪ اندر پارليامينٽ جي حيثيت رٻڙ اسٽيمپ واري آهي، اليڪشن ڪوڙ تي ٻڌل هجي ٿي عملي طور حڪمراني اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي. هن چيو تي سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو ڪري سياسي سرگرمين تي بندش هنئين وئي آهي، اسين سياسي عمل جاري رکنداسين ۽ قلم 144 کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيون ٿا، خطرن کان ڊڄڻ بدران انهن کي منهن ڏينداسين. هن 26 ۽ 27 ترميم ۽ پيڪا جي قانون کي مڪمل طرح رد ڪندي چيو ته جيڪي سياسي ڌريون لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ فيصلا ڪري سنڌ ۾ اچن ٿيون، انھن جو هتي اچڻ تي گهيراءُ ٿيندو، پارليامينٽ ۾ سنڌ خلاف فيصلا ڪندڙن تي دٻاءُ وجهي کين ان ڳالهه تي مجبور ڪنداسين ته هو سنڌ آڏو پنهنجي ڪيل ڪرتوتن کي ظاهر ڪن يا اصل ڌرين جا پيرا ڪڍي ڏين. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاھ چيو ته سنڌ سان جبر وڌيو آهي، 18 ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي ۽ ايس آءِ ايف سي ٺاھي درياءَ ۽ زمين کسڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. ھن چيو ته 6 ڪينالن ٺاھڻ جي سازش ٿي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪئي وئي آهي. ھن چيو ته ھتي نالي ماتر جمهوريت آهي، عملي طور ھتي مارشل لا لاڳو آھي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته ملڪ جا بنياد قبضي تي بيٺل آھن، هتي مظلوم قومن کي عزت سان جيئڻ نه ٿو ڏنو وڃي، خوشحال سنڌ ڏڪار جي ور چڙهيل آهي، ھن وقت سمنڊ ۽ ساحلي پٽي، پاڻي ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش ٿي رھي آھي. هن چيو ته اسان ظلم برداشت نه ڪنداسين گڏيل جدوجهد ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ جبر جي راڄ کي پرامن عوامي جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائي سگھجي ٿو. جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان قريشيءَ جي چيئرمين نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ورھاڱي خلاف سڀني سياسي ڌرين سان گڏ آھيون. دانشور جامي چانڊيو چيو ته هن وقت پاڪستان جي رياست پنهنجي بدترين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ موجود وفاقي توڙي چئني صوبن جي حڪومتن جي ڪابه حيثيت ناھي، ھي حڪومتون ڊمي آھن. ھن چيو ته ھن وقت پارلياماني نظام ناٽڪ جيان آھي ۽ اختيار غير جمھوري قوتن وٽ آھن. هن چيو ته ڪئنالن جي رٿا ختم ناھي ٿي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات جي ڦرلٽ وارا منصوبا به موجود آهن، اھڙي جبر خلاف ماڻھن کي خطرن کان باخبر رکڻ گھرجي ته جيئن ٻٻرلوءِ جھڙي عوامي مزاحمت شروع ٿي سگھي. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر نور نبي راهوجو چيو ته ون يونٽ خلاف سنڌ جي ڏاھپ وڙھي ته سنڌ جي تعليم تباھ ڪئي وئي، اڄ سنڌ جي نسل کي نشي جي ور چاڙھيو ويو، رنگ ۽ شڪل مٽائي ھو اسان کي غلام بڻائڻ گھرن ٿا، اسان کي ھر محاذ تي مقابلو ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي اڳتي وڌڻ گھرجي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراھ نواز خان زئور چيو ته سنڌ جي معدنيات جي ڦرلٽ جاري آھي، ايس آء ايف سي ٺاھي ھاڻ زمين ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنال ۽ ڊيم سڀ ھڪ ئي سازش جي ڪڙي آھن، ھو پاڻي جو ڦڙو ڦڙو ميڙي ڦري رهيا آهن، اسان کي ھڪ وڏي صوبي جي بالادستي کي شڪست ڏيڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ گھرجي. ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاريءَ چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ رڳو ماڻھن کي سمجھ ۾ ڳالهھ آئي ته پاڻي تي ڌاڙو ٿو لڳي ته نڪري پيا، ماڻھن کي اقتدار ذريعي ٿيندڙ استحصال بابت عام فھم ۾ ڳالهھ سمجھائڻ گھرجي. ليکڪ ۽ ڪالم نگار آفتاب خانزاده چيو ته پاڪستان تاريخ جي بدترين دور مان گذري رھيو آھي، رياست لٽيرن حوالي ٿي، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو سنڌ جي مسئلن جو حل سياسي آھي،حڪمران ملڪ کي ڪرائي تي ھلائڻ گھرن ٿا، سياسي پارٽين کي گڏيل جدوجھد ڪرڻ گھرجي. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ يونس راھو چيو ته ڊيم ٺاھي، سنڌ جي ڊيلٽا تباھ ڪئي پئي وڃي، 15 لک ماڻھو ھاڻ سامونڊي پٽي مان لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن، ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي جدوجھد کان پوءِ حڪمران سنڌ جي مزاحمت کان ڊنل آھن.ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ اقبال چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سردار سنڌ جا دشمن آھي، پ پ سنڌ کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي، حڪمران نون صوبن ذريعي قومي وحدتن کي ٽوڙڻ گھرن ٿا،ايڊووڪيٽ مير مڱريو چيو ته 26 ،27 آئيني ترميم کان پوءِ انصاف جا در بند ٿيا آھن، سياسي ڪارڪنن لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آھن ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ آغا ظفر چيو ته اسان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سان گڏ آھيون. صحافي نعمت کھڙو چيو ته حڪمرانن جي جبر مان لڳي رھيو آھي ته ھو پاڪستان کي ھلائڻ ئي نه ٿا چاھين، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ احمد نواز چيو ته سنڌ جي وسيلن تي مالڪي جو حق ڌرتي ڌڻين کي ڏنو وڃي، سنڌ ورھائڻ نه ڏينداسين، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ معشوق چانڊيو چيو ته اليڪشن جو نظام ئي بالادستي برقرار رکڻ لاءِ جوڙيل آھي، سنڌ تي وار برداشت نه ڪنداسين. نامياري دانشور ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ گڏيل جدوجھد ڪرڻ گھرجي. جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ آدم ٻٽ چيو ته 40 جي قرارداد ۾ سنڌ ھن ملڪ ۾ قومي وحدت طور شامل ٿي ھئي، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ٿئي پيو ، اسين سنڌ جي ھن گڏيل جدوجھد ۾ شامل آھيون. نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻ طالب جکرو چيو ته نظام جي تبديلي کانسواءِ تبديلي ممڪن ناھي، ملڪ کي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي ھلائي رھي آھي، سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته 26 ۽ 27 ترميم کان پوءِ نه آئين ۽ نه ئي قانون بچيو آھي، 28 ترميم اچڻ واري آھي، جنھن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ مليل ٿورا گھڻا حق به کسيا ويندا.
حيدرآباد؛ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سنڌ قومي ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي. جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ پنجاب برابر جون قومي وحدتون آهن. جيڪي هن فيڊريشن ۾ شريڪ ٿيون آهن. ڪنهن به آئيني ترميم ذريعي قومي وحدتن کي ٽوڙي نون صوبن جو قيام هن فيڊريشن جي تصور جي خلاف آهي. جنهن کي هي قومي ڪانفرنس مڪمل طور تي رد ڪري ٿي. اھڙي ڪنھن به قسم جي ناپاڪ ڪوشش خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. ڪراچي اندر ٻيھر لساني سياست کي اڀاري سنڌ جي وحدت خلاف جيڪا غليظ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. اڄوڪي قومي ڪانفرنس ان جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته ان سلسلي کي فوري طور بند ڪيو وڃي. سنڌ ڇھن ڪئنالن جي منصوبي کي پھريان ئي رد ڪري چڪي آھي ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي فيصلي مطابق صوبن جي وچ ۾ اتفاق راء بغير اھڙو ڪوب منصوبو نه ٺاھيو ويندو. پر ملڪ جي وزيراعظم 29 جنوري 2026ع تي ڪئنال منصوبي بابت ٻيھر ميٽنگ سڏائي سنڌ کي تشويش ۾ وجھي ڇڏيو آھي. اڄوڪي قومي ڪانفرنس واضع ڪري ٿي ته سنڌو درياھ ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني درياهن جي پاڻيءَ جي ورڇ 1991 جي پاڻي معاهدي مطابق ڪئي وڃي. هي ڪانفرنس 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم کي حق حاڪميت، اظهار جي آزادي، پارلياماني بالادستي، عدليا جي آزادي، وسيلن جي مالڪي تي ڌاڙو سمجهي ٿي. جنهن ڪري ڪيل آئيني ترميمن کي ختم ڪيو وڃي. ڪانفرنس اين ايف سي ايوارڊ جي آئيني تحفظ کي ختم يا ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش کي سختي سان رد ڪري ٿي. هي ڪانفرنس واضع ڪري ٿي ته ملڪ اندر سياسي سرگرمين تي پابندي هڻي سياسي مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ بند ڪري خوف جي فضا قائم ڪئي وئي آهي. جنهن تحت عمران خان، ماھرنگ بلوچ، علي وزير، ياسمين راشد، ايمان مزاري ،ھادي چٺا ۽ مورو واقعي ۾ گرفتار بيگناھ سياسي قيدين سميت سڄي ملڪ مان گرفتار سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاھ ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سيد مسرور شاھ، نور نبي راهوجو، تاج مري، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر بدر چنا، ايڊووڪيٽ حسيب پنھور، مرتضيٰ خان جتوئي ۽ سندس ڀائرن سميت مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ٿيل ڪوڙيون ايف آئي آرز رد ڪرڻ جو مطالبو ڪجي ٿو سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو سلسلو بند ڪري نجي ڪمپنين کي ڏنل زمينون واپس ڪيون وڃن شاگرد يونين بحال ڪري اتر سنڌ ۾ جاري قبائلي خوني تڪرارن جو خاتمو آڻي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي،پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي،سنڌ ۾ بدامني، بيروزگاري، غربت، ناانصافي، منشيات، ڪرپشن، خراب حڪمرانيءَ ذريعي ادارن جي تباهي جي ذميوار پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار آهي