وقت کان اڳ چونڊن جي آڇ؟ پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي ترديد

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) کي اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ عام چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ جي آڇ بابت ايندڙ خبرن  کي وفاقي وزيرِ اطلاعات عطاالله تارڙ مڪمل طور تي غلط ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هڪ نجي ٽي وي چينل جي اينڪر پنهنجي پروگرام ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه اهم ملاقاتون ٿيون، جن کان پوءِ اعليٰ سطح تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ کي هڪ حتمي ۽ مضبوط آڇ ڏني ويندي. هن آڇ تحت پي ٽي آءِ کي چيو وڃي ها ته هو پارليامينٽ ۾ واپس اچي، پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿئي ۽ پارلياماني عمل جو حصو بڻجي.محمد مالڪ دعويٰ ڪئي ته ان جي بدلي ۾ حڪومت ٻه وڏا قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندي، جن ۾ پوري اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ چونڊ قانونن ۾ اهڙيون ترميمون شامل هونديون، جن سان ايندڙ چونڊون شفاف بڻائي سگهجن. هن موجب حڪومت مقرر وقت کان هڪ سال اڳ عام چونڊون ڪرائڻ تي به تيار هوندي.اينڪر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اها “پيڪيج ڊيل” طئي ٿي وڃي ٿي ته ايندڙ ڏينهن ۾ عمران خان ۽ سندس ويجهن ساٿين جي قانوني مسئلن ۾ به نرمي ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿي. هن چيو ته اها حڪومت طرفان هڪ واضح آڇ هوندي، جنهن کي قبول يا رد ڪرڻ جو اختيار پي ٽي آءِ وٽ هوندو.وفاقي وزيرِ اطلاعات عطاالله تارڙ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهي خبرون بلڪل غلط آهن، ۽ کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته هر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهڙي قسم جون ڪهاڻيون ڪيئن ٺاهيون وڃن ٿيون. حڪومت طرفان وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ يا ڪنهن به قسم جي آڇ بابت ڳالهيون درست ناهن،ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان به اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اهڙين خبرن کي افواهه قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت طرفان وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ يا ڪنهن به قسم جي آڇ بابت ڳالهيون بي بنياد آهن ۽ انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي.بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ، عمران خان ۽ جمهوريت سان لاڳاپيل معاملا انتهائي سنجيده آهن، ۽ انهن کي صرف “ذريعن” جي بنياد تي رپورٽ نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.