اسلام آباد(شهزاد پراچا)بحريا ٽائون کان 26 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو معاملو، ايف بي آر طرفان بحريا ٽائون ٽاور ڪراچي ضبط ڪرڻ بابت پبلڪ نوٽيس جاري خبر موجب بحريا ٽائون کان 26 ارب رپين جي ٽيڪس رِڪوري بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) طرفان بحريا ٽائون ٽاور ڪراچي جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ باضابطه پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.ايف بي آر موجب بحريا ٽائون ٽاور ڪراچي ۾ موجود ڪُل 145 يونٽس، جن ۾ 42 آفيسون ۽ 103 دڪان شامل آهن، 7 آڪٽوبر تي ضبط ڪيا ويا هئا. ايف بي آر واضح ڪيو آهي ته بغير ايف بي آر جي اجازت جي بحريا ٽائون ڪراچي جي ضبط ٿيل ملڪيتن جي خريد و فروخت، وڪري يا ٽرانسفر تي مڪمل پابندي هوندي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ضبط ٿيل ملڪيتن بابت جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض هجي ته اهي پنهنجا اعتراض لارج ٽيڪس پيئر آفيس، اسلام آباد ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.